پاڪستان مسلم ليگ جو جهنڊو

پاڪستان مسلم ليگ جو جهنڊو

پاڪستان مسلم ليگ

پاڪستان مسلم ليگ: هن سياسي جماعت جو بنياد 1962ع ۾ پيو. 1988ع وارين عام چونڊن ۾ پاڪستان مسلم ليگ جي اڳواڻي، ملڪ جو اڳوڻو وزيراعظم محمد خان جوڻيجو ڪري رهيو هو، تنهن وقت مسلم ليگ ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي. هڪ جي قيادت مرحوم محمد خان جوڻيجي ڪئي، جڏهن ته ٻئي ڌڙي جي اڳواڻي پنجاب جي تڏهوڪي وزيراعليٰ نوازشريف پئي ڪئي. مسلم ليگ (ج) مرحوم جوڻيجي جي حياتيءَ تائين فعال رهي، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) نوازشريف جي اڳواڻيءَ ۾ مقبول ٿي. جنهن تحت اڳتي هلي 1996ع ۾ نوازشريف ملڪ جو وزيراعظم بڻيو.1993ع ڌاري محمد خان جوڻيجي وفات ڪئي، جنهن بعد جماعت کي سندس ساٿين حامد ناصر چٺا ۽ اقبال احمد خان، مسلم ليگ (جوڻيجو) جي نالي سان اڳتي هلايو. 1995ع ڌاري پاڪستان مسلم ليگ ’جناح‘ (جنهن جو باني منظور احمد وٽو هو) جي وجود ۾ اچڻ سبب پاڪستان مسلم ليگ ’جوڻيجو‘ ورهائجي وئي ۽ منظور وٽو 1995ع ڌاري پنجاب جو وزيراعليٰ بڻيو پر ساڳئي ئي سال پ پ پ جي ڀرپور حمايت سبب پاڪستان مسلم ليگ’جوڻيجو‘ پينل جي عارف نڪئي کي پنجاب جو وڏو وزير بڻايو ويو.آڪٽوبر 2002ع ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ مسلم ليگ (ج) صرف 0.7 سيڪڙو ووٽ کڻي سگهي ۽ 272 مان رڳو 2 سيٽون کٽي سگهيا. 2002ع دوران به حامد ناصر چٺا هن پارٽي جي اڳواڻي ڪري رهيو هو2004ع ڌاري پاڪستان مسلم ليگ (ج) کي ان وقت جي حڪمران جماعت پاڪستان مسلم ليگ (ق) ۾ ضم ڪيو ويو ته جيئن گڏيل پاڪستان مسلم ليگ جو بنياد وجهي سگهجي. پر 2008ع وارين ٿيل عام چونڊن ۾ حامد ناصر چٺا پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي حڪومت هئڻ باوجود پنهنجي قومي اسيمبلي جي سيٽ کٽي ڪونه سگهيو.


لفظ پاڪستان مسلم ليگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو